سريچند پنجومل صابلاڻي

سريچند پنجومل صابلاڻي: سريچند پنجومل صابلاڻي، 5 مئي 1945ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کانپوءِ الهاس نگر (مهاراشٽر، انڊيا) ۾ وڃي مائٽن سان گڏ رهائش پذير ٿيو. پڙهي ماستر ٿيو. هن وقت رٽائر زندگي گذاري پيو. گذريل 15، 20 سالن کان الهاس نگر ۾ ’ليڊر ايڪسپريس روزاني اخبار پاران‘ پنهنجي ماءُ ’مجني ٻائيءَ‘ جي ياد ۾ انعام ڏيندو آهي. سريچند صابلاڻي خود رٽائرڊ اُستاد آهي، پر انعام سدائين ’نان ٽيچنگ اسٽاف‘ ۽ ٻين سماجي ڪارڪنن کي ڏيندو آهي. ان پروگرام جي ٻي خوبي اها آهي ته شروع کان وٺي پروگرام جي مهمان خاص (Chief Guest) مسز موهن ڪؤر مانڪو، گرو گوبند هاءِ اسڪول جي هيڊماسترياڻي رهندي اچي، ’ماتا مجني ٻائي ٽرسٽ‘ ۾ ڪُل 35 ميمبر آهن، سريچند صابلاڻي فائونڊر ۽ هن وقت ان جو صدر آهي. انعام ڳٺڙيون ڀري ڏنا ويندا آهن، جنهن پٺيان صابلاڻيءَ جي اڻٿڪ محنت هوندي آهي. ’ليڊر ايڪسپريس‘ جو ايڊيٽر سندس پٽ آهي، پر پاڻ ايڊيٽوريل لکندو آهي، جنهن لاءِ مقامي اخبارنويسيءَ ۾ سندس هاڪ ۽ ڌاڪ آهي، تکو مٺو لکڻ جو کيس پنهنجو انداز آهي. رستي ويندي صابلاڻي سدائين پنڌ نظر ايندو، هٿ ۾ وزندار اخبارن سان ڀريل ٿيلهو، اهي اخبارون سندس ڏي وٺ جو خزانو آهن، سڃاڻپ ۽ گذرسفر جو وسيلو آهن.
الهاس نگر جا شهري سريچند صابلاڻيءَ کي اخبار کان وڌيڪ ’ساڌٻيلا اسڪول ۽ گرلس ڪاليج‘ جي ڪري سڃاڻن. هڪ بي طمع خدمتگار طور هن اسڪول ۽ ڪاليج کولائي ڏيڻ ۾ ٽرسٽ وارن سان گڏجي سرٽوڙ ڪوششون ڪيون ۽ آخر ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سنڌونگر واسين کي ڄڻ بي بها سوکڙي ڏني. ان سڄي جاکوڙ تي هن هڪ ڪتاب به لکيو آهي. شروعات ۾ رام دادلاڻيءَ جي چوڻ تي هن ’هريش دادلاڻي هاءِ اسڪول‘ جي نالي 12 جولاءِ 1972ع تي پلاٽ لاءِ درخواست ڏني. 27 جولاءِ 1972ع تي اهو پلاٽ اسڪول لاءِ سفارش ٿيو. رام دادلاڻي، ل’ساڌ ٻيلا ٽرسٽ‘ جو ٽرسٽي ۽ جهوليلال جو پيروڪار آهي. ان کيس عرض ڪيو ته اهو پلاٽ ’ساڌ ٻيلا ايجوڪيشن ٽرسٽ‘ جي نالي وٺي ان لاءِ صابلاڻيءَ کي چڱا پاپڙ ويلڻا پيا. تعليمدان، سياستدان، فلمي دنيا، مطلب ته زندگيءَ هر شعبي جي ماڻهن کان هن سرڪار تي زوربار آندو ۽ آخر ۾ سندس محنت ثابت ٿي، ٻه ايڪڙ پلاٽ ’ساڌٻيلا ايجوڪيشن ٽرسٽ کي مفت ۾ الاٽ ٿيو ۽ 31 آگسٽ 1977ع تي هنن کي گرانٽ ان ايڊ (Grant in aid) سان ’سنڌي ميڊيم اسڪول‘ لاءِ منظوري ملي ۽ 1 جون 1979ع تي هن اسڪول جا سڀ پلان ڪرايا ويا. اهو سمورو ڪم صابلاڻيءَ اڪيلي سر ’ساڌو ٻيلا ٽرسٽ‘ جي سايي هيٺ ڪيو. 15 آڪٽوبر 1979ع تائين ٽرسٽ وارن اسڪول کولڻ جي ڪا به تياري نه ڪئي، ان ڪري لاچار سريچند ’ساڌٻيلا ٽرسٽ‘ سامهون بک هڙتال جو نوٽيس ڏنو ۽ نيٺ 11 جون 1984ع تي اسڪول وجود ۾ آيو. هاڻي اُتي سنڌي، هندي ۽ انگلش ميڊيم اسڪول هلندڙ آهن. گرلس ڪاليج کي جدا شاندار عمارت آهي. ڪن سببن ڪري ’ساڌ ٻيلا ٽرسٽ‘ وارن سريچند صابلاڻيءَ تي 12 مئي 1987ع تي بندش جا حڪم جاري ڪيا، جنهن لگن ۽ اورچائيءَ سان هن اسڪول لاءِ پلاٽ ۽ منظوري ورتي ۽ پوءِ ’ماتا مجني ٻائي ستڪار سمتي‘ معرفت هن خدمت جو ڪم جاري رکيو. اخبار به شروع ڪيائين.
اڄ ساڌٻيلا ايجوڪيشن ٽرسٽ جا اهي اسڪول ۽ ڪاليج سنڌي بانيڪارن جي هٿ ۾ ڪونه آهن. عمارتن تي نالا سڀ سنڌين جا آهن، دان پڃ سڀ سنڌين وٽان مليل آهي، پر واڳ ڏور هنن جي هٿ ۾ ڪانه آهي. سريچند صابلاڻي ويچارو به خاموش آهي، بندش وارا حڪم پيو ڏيکاري، پر سنڌي سماج جو وڏو نقصان ٿيو آهي. سريچند صابلاڻيءَ کي الهاس نگر/ سنڌو نگر جو ڪک پن پيارو آهي. سنڌي سماج کي منجهانئس اميد آهي ته هو وري اڳ وانگر بک هڙتال جهڙا قدم کڻي، هن سنڌي ميڊيم اسڪولن جي اصل حيثيت ضرور بحال ڪرائيندو. (ڪونج: مئي، جون 2013ع).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.05.05  عيسوي

سريچند پنجومل صابلاڻي، 5 مئي 1945ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور بلوچ
شبير حسن گبول
بختيار چنا
رميش سپي
سيمي جمالي ڊاڪٽر
الهڏتو رند رئيس
ٽنڊو آغا
قاضي محمد بخش ڌامراھ
سبرين هيسباڻي
اول شاهه ۽ جمن شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون